پاڪستان ۾ مذهبي بنيادن تي ٿيندڙ ڏوهن تي گڏيل قومن پاران ڳڻتي، ڪارروائي جي سفارش

نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي پاڪستان ۾ مذهبي بنيادن تي ٿيندڙ ڏوهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ڪميٽي پاڪستان سميت 6 ملڪن ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، ڪميٽي پاڪستان ۾ تعصب، نفرت انگيز تقرير، نفرت انگيز ڏوهن، هجومي تشدد ۽ مذهبي اقليتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، توهين مذهب جي ڪوڙي الزامن جي واقعن جو ذڪر ڪندي ڪميٽي پاڪستاني حڪومت تي زور ڀريو ته هو انهن سمورن واقعن جي جاچ ڪري ۽ انهن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.