پنجاب ۾ ”ميڊم ميرٽ“ ڪنهن کي خوش پئي ڪري؟

نيويارڪ(احمد نوراني)پنجاب جي وزيراعليٰ(ميڊم ميرٽ)صوبي ۾ ”زرعي انقلاب “جي نالي تي بنجر زمينن بدران سرسبز ۽ پوکي هيٺ زمينون طاقتور اداري حوالي ڪري رهي آهي،چيو پيو وڃي ته زرعي انقلاب جي نالي تي خوراڪ جي معاملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ وارو پلان اصل ۾ عرب ملڪن جي پراجيڪٽ جو حصو آهي،عربن کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته جنگي بنيادن تي توهان لاءِ جنسن ۽ ڀاڄين جي پيداوار ڪئي ويندي،عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ باراني زمينن تي پوکي جو نعرو هنيو ويو،اصل ۾ اهو ڪم به سول حڪومت جي نگراني ۾ ٿيڻ گهرجي ها پر فوج ان منصوبي کي هلائي رهي آهي،پنجاب ۾ اڳ ۾ محسن نقوي کي وڏو وزير بڻائي زمينون الاٽ ڪرايون ويون،هاڻي شڪايتون اچي رهيون آهن ته اهي زمينون هاري،زميندار ڏهاڪن کان آباد ڪري رهيا آهن،انهن تي قبضو ڪيو پيو وڃي،ڪجهه ميڊيا ادارن پاران قرار ڏنل ”ميڊم ميرٽ“ ان پاليسي جي تسلسل ۾  هارين جي زمينن تي قبضا ڪرائي رهي آهي،پاڪ پتن ۾ متاثر زميندار هاءِ ڪورٽ پهچي ويا،انهن جو موقف آهي ته پنجاب جي اڳوڻي حڪومت(محسن نقوي) غلط طريقي سان سندن زمين فوج جي هڪ ڪمپني کي الاٽ ڪري ڇڏي آهي،مريم نواز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذريعي اسان کي هراسان ڪري رهي آهي،اها خبر صحافڻ بينظير شاهه به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 08 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.