شاهينن ڪينگروز کي قابو ڪري ورتو، ستن ورهين بعد ون ڊي ميچ ۾ فتح

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي نوَ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي.
ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو صحيح ثابت ٿيو.
پاڪستان پيس بيٽريءَ آڏو آسٽريلوي بيٽرن جي هڪ نه هلي ۽ پوري ٽيم 35 هين اوور ۾ 163 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪينگروز طرفان، اسٽيو سمٿ 35، ميٿيو شارٽ 19، جوش انگلس 18 ۽ گلين ميڪسويل 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان جي حارث رئوف پنج، شاهين آفريدي ٽي، نسيم شاهه ۽ محمد حسنين هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان، آسٽريليا طرفان مليل 164 رنسن جو هدف رڳو هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
اوپنر صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق 137 رنسن جي اوپننگ ڀائيواري قائم ڪري پاڪستان جي فتح کي يقيني بڻايو.
صائم ايوب ڇهن ڇڪن ۽ پنج چوڪن جي مدد سان 71 بالن تي 82 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، عبدالله شفيق 64 ۽ بابر اعظم 15 رنسون ٺاهي ناقابلِ شڪست رهيا.
آسٽريليا طرفان ميچ جي واحد وڪيٽ ايڊم زمپا حاصل ڪئي، جڏهن ته شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
ياد رهي ته پاڪستان ستن ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ ڪنهن ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏني آهي.
پاڪستان آخري ڀيرو هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ آسٽريليا کي سال 2017 ۾ مات ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.