لاهور (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ دالين جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ مقامي مارڪيٽ ۾ به داليون سستيون ٿي ويون.
هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن موجب سيپٽمبر کان هيل تائين ڪارن چڻن جي في ڪلو قيمت ۾ 50 رپين جي گهٽتائي ٿي چڪي آهي.
اهڙي ريت 400 رپيا ڪلو ملندڙ چڻن جي دال هن وقت 360 رپين جي ٿي وئي آهي، جيڪا ايندڙ مهيني تائين 300 رپيا في ڪلو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ماش جي دال 500 رپين مان گهٽجي 425 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، وڏا چڻا 400 رپين مان گهٽجي 350 رپيا ۽ ننڍا چڻا 320 رپين مان گهٽجي 295 رپيا ڪلو ٿي ويا آهن.
واضح رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ دالين جا اگهه 100 ڊالر في ٽن کان وڌيڪ گهٽيا آهن.
You might also like