ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان جي علائقي سخي سرور روڊ تي وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ۾ اسڪول پرنسپال ۽ 3 ماسترياڻيون فوت ٿي ويون.
ريسڪيو اختيارين موجب وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نجي اسڪول جو پرنسپال سيد امجد ۽ 3 ماسترياڻيون ڪرن، نوشين ۽ طاهرا فوت ٿي ويون.
حادثي ۾ 7 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو ۽ انهن مان 5 ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
You might also like