پاڪ – انگلينڊ ٽيسٽ سيريز جي پچن بابت آءِ سي سي جو اهم موقف سامهون اچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي پچن کي اطمينان جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب ٽنهي ٽيسٽ ميچن لاءِ استعمال ٿيندڙ پچن کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ۽ ٻي ٽيسٽ ملتان، جڏهن ته آخري ٽيسٽ راولپنڊي ۾ کيڏي وئي هئي.
پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏٺو، جڏهن ته ٻي ۽ ٽين ميچ کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.