بلاول جي ٽرمپ کي مبارڪباد” اميد آهي نئين انتظاميا امن کي ترجيح ڏيندي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.
بلاول ڀٽو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته آمريڪي عوام ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ساٿين کي شاندار سوڀ ڏياري آهي.
پ پ چيئرمين، جي ڊي ونس، ايلون مسڪ، روبرٽ ڪنيڊي جونيئر ۽ تلسي گيبارڊ کي به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٽيگ ڪيو.
بلاول ڀٽو چيو ته هيءَ جنگ مخالف فتح ۽ جنگ مخالف مينڊيٽ آهي جيڪو آمريڪي عوام ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ٽيم کي ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو پراميد آهي ته نئين انتظاميا امن کي ترجيح ڏيندي ۽ عالمي تڪرار جي نبيري ۾ مدد ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.