ڌاڙيلن جي رحم وڪرم تي ڇڏيل ڪنڌڪوٽ – ڪشمور جو عوام

ڌاڙيلن جي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ کان تنگ اچي ڪنڌڪوٽ جي شهرين پاران لڳاتار  ڪيترائي ڏينهن احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا پر سندن امن واري آس ۽ اميد پوري نه ٿي سگهي.پوليس عملدارن توڙي سنڌ حڪومت جي نمائندن پاران کين خاطري ڪرائڻ جي باوجود به ڌاڙيلن جون قهري ڪارروايون بدستور جاري آهن، ائين لڳي ٿو جهڙوڪ ڪنڌڪوٽ – ڪشمور ضلعي ۾ رياستي رٽ ختم ٿي وئي آهي ۽ ضلعي تي مڪمل طور ڪنٽرول ڌاڙيلن حاصل ڪري ورتو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڏياري جي موقعي تي صالح پٽ جي هندو فيملي بڊاڻي شهر ۾ آئي، جنهن کي واپسي دوران ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن يرغمال بڻائي کانئن ڦرلٽ ڪرڻ کانپوءِ ٻن نوجوانن وڪرم ڪمار ۽ اويناس ڪمار کي اغوا ڪري کڻي ويا. جيڪي هن وقت تائين ڌاڙيلن جي تحويل ۾ آهن، جن کي پوليس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪو به عملي قدم ناهي کنيو.

هندو نوجوانن وڪرم ڪمار ۽ اويناس جي اغوا جي واردات، بڊاڻي  شهر ۾ پيش آيل ڪو پهريون واقعو ناهي، ان کان اڳ ۾ به ” انڌي – بڊاڻي“ روڊ تي ڪيترائي قتل اغوا توڙي ڦرلٽ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جنهن ۾ سال کن اڳ هندو پنچائت بڊاڻي جي مکي کي پڻ اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو به وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ ڌاڙيلن کي مٿس تشدد ڪندي ڏٺو ويو هو.

ڇا اها لاقانونيت ناهي ته ڏينهن ڏٺي جو ڪنهن مصروف روڊ تي ڪنهن فيملي کي  هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئن ڦرلٽ ڪري ٻن ڄڻن کي موٽرسائيڪلن تي ويهاري ڌاڙيل اغوا ڪري آرام سان هليا وڃن ۽ متاثر فيملي پاران فون ڪري پوليس کي اطلاع ڏيڻ ۽ کانئن مدد طلب ڪرڻ جي باوجود به پوليس نه پهچي ته اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ان واردات ۾ اڻ سڌي طرح پوليس جو هٿ آهي. ڇاڪاڻ ته  جڏهن متاثر فيملي صالح پٽ کان بڊاڻي آئي ته ان جي چرپر تي نظر رکي وئي ۽ جڏهن اها ٻئي ڏينهن تي واپس ٿي کين يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي وئي ۽ ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن اهڙو اطلاع ون فائيو تي ڏنو ويو ته اهي اغوا جي واردات جو ٻڌندي ئي ڪال ڪٽي ڇڏي ۽ ان کانپوءِ ٻيهر بار بار فون ڪرڻ جي باوجود به انهن  سندن ڪال اٽيٽڊ نه ڪئي.ان قسم جو بيان متاثر  فيملي جي هڪ نياڻيءَ صحافين سان ڳالهائيندي پڻ ڏنو آهي. ان واردات جا پيرا کڻڻ ۽ ڌاڙيلن تائين پهچڻ، جيڪي ڪنهن به علائقي واسي توڙي پوليس کان لڪيل ناهن، لاءِ ضروري آهي ته ان واقعي جي جاچ ڪئي وئي ته اطلاع جي باوجود به پوليس واردات واري هنڌ تي ڇو نه پهتي؟ ان سان پوليس اهلڪارن توڙي آفيسرن جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ جاچيو وڃي ته جيئن سنڌ پوليس خاص طور تي ڪشمور پوليس ۾ ڌاڙيلن جي سهولت ڪاري وارو ڪردار ختم ٿي سگهي ۽ شهرين کي تحفظ جو احساس ڏياري سگهجي.

اتر سنڌ جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اهڙا ڪيترائي ”بنگلا“ آهن، جن جو سمورو خرچ ڀنگ جي پئسن  تي هلندو آهي،بلڪل اهڙِي ئي طرح  جهڙي ريت وڏن شهرن ۾ ڪي سياسي مرڪز ڀتي جي پئسن تي هلندا هئا. اها ڳالهه ان ڪري به چئي سگهجي ٿي ته ڪجهه وقت جڏهن تنگواڻي ۾ ڳوٺاڻن ڏوهارين کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو ته پوليس هڪ وڏيري جي چوڻ تي انهن ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏيو هو. ان لاءِ  ڪشمور ضلعي ۾ ايستائين امن قائم ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ماڻي نه سگهندو جيستائين پوليس وڏيرن جي وانگار وهڻ ۽ ڌاڙيلن جي سهولت ڪاري ڪرڻ بند نه ڪندي.

ظاهر ڳالهه آهي جنهن علائقي ۾ ڏوهه ٿيندا آهن ته ان جا ذميوار پڻ تعلقي ۽  ضلعي جا پوليس آفيسر ئي هوندا آهن پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ڏينهن ڏٺي جو  ڦر توڙي اغوا جون  وارداتون ٿيڻ جي باوجود نه ته ڪڏهن ڪنهن اعليٰ عملدار ذميوار پوليس آفيسرن کان ڪو پڇاڻو ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن کي برطرف ڪيو ويو آهي. انهن کي ڌاڙيلن کي  ڏوهه جڏهن ته پوليس اهلڪارن توڙي آفيسرن کي غفلت سدائين ڦٻندي ايندي آهي باقي نڌڪڻو ۽ لاوارث هتان جو عوام آهي جيڪو سدائين ڀوڳيندو پيو اچي.گذريل هفتي ڳوٺ جاني خان چاچڙ، جيڪو بيگاري سنڌ فيڊر جي ڪپ تي واقع ۽ شهر جو هڪ محلو آهي، تي ڌاڙيل ڪاهه ڪري مٿس ڪيترائي ڪلاڪ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڏهڪاءُ پکيڙيندا رهيا پر  سڏ پنڌ تي پوليس چوڪي ۽ ٿاڻو هجڻ جي  باوجود به پوليس ڳوٺاڻن جي مدد لاءِ نه پهتي. چيو پيو وڃي ته ڌاڙيل اڪثر شهرين کي فون ڪال ڪري کانئن لکين رپيا ڀتو  طلب ڪن  ٿا، نه ڏيڻ جي صورت ۾ هٿياربند ڪاهه ڪري سندن گهرن تي جديد هٿيارن ۽ راڪيٽ لانچرن سان فائرنگ ڪري کين جاني نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.

ان لاءِ نه رڳو ڪشمور شهر پر پوري ضلعي جو عوام عدم تحفظ جو شڪار بڻجي اها خوف واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي. ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيلن جي آزار کان بيزار ٿي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن.گذريل سال ڪشمور شهر مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار  جي ڪٽنب سميت چار خاندان هلندڙ مهيني پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ کي الوداع ڪري ڳوڙها ڳاڙيندي هميشه لاءِ  ڀارت لڏي ويا آهن.

ڪشمور ضلعي ۾ لاقانونيت هجڻ سبب ڏينهون ڏينهن بدامني وڌي رهي آهي. جنهن سبب ڌاڙيل راڄ وڌيڪ مضبوط ٿيندو وڃي پيو، جنهن  جي اڳيان  پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به هيڻا ۽ بيوس نظر اچڻ لڳا آهن. ادارن جي ان هيڻائي ۽ بيوسي سبب ئي هي نهايت ئي پرامن ۽ خوبصورت شهر اڄ ايشيا جو خطرناڪ شهر بڻجي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.