ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه وڌڻ کانپوءِ ٻيهر گهٽجي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 500 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 83 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 429 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 42 هزار 798 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 737 ڊالر في اونس آهي.
Next Post
You might also like