تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي فورسز کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آيت الله خامنه اي تهران ۾ هڪ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ايران خلاف قدمن تي اسرائيل ۽ آمريڪا کي سخت جواب ملندو، اسرائيل کي ان جي قدمن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
هوڏانهن آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران 5 نومبر تي اسرائيل تي حملو ڪري سگهي ٿو.
آمريڪا ايران کي خبردار ڪندي چيو ته ايران حملو ڪيو ته اسرائيل کي جوابي ڪارروائي کان نٿو روڪي سگهجي.
You might also like