لاهور (ويب ڊيسڪ) سندر پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن عورت سمگلرز کي 47 ڪلو چرس سان گڏ گرفتار ڪري ورتو.
مانگا منڊي جي علائقي ۾ سندر پوليس ٻنهي عورتن کي ملتان روڊ موهلنوال مان 47 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪيو.
پوليس موجب ٻئي عورتون ٻن ٿيلهن ۾ وڏي مقدار ۾ چرس لڪائي سپلاءِ ڪرڻ وڃي رهيون هيون، گرفتار عورتون لاهور جي مختلف تعليمي ادارن ٻاهران منشيات فروشي ڪنديون آهن.
پوليس ٻڌايو ته ٻنهي عورتن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like