حڪومت جو قومي اسيمبلي مان 3 اهم بل منظور ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 26هين آئيني ترميم کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس مان 3 اهم بل منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 4 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ حڪومت طرفان 3 اهم بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميم بل ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي انگ ۾ واڌ جو بل منظوري لاءِ پيش ٿيندو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم سان آئيني بئنچ جي سربراهه کي ججز ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو.
سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 25 ڪيو ويندو، جڏهن ته دهشتگردي روڪ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ذريعن موجب حڪومتي ميمبرن کي سڀاڻي ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.