نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٽرين جي پڙين جي صفائي ڪندڙ 4 مزدور ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڪيرالا رياست جي ضلعي پالڪڙ ۾ پيش آيو، جتي ٻن عورتن سميت 4 مزدور صفائي ڪري رهيا هئا.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مزدورن جو موت ان وقت ٿيو، جڏهن اهي پٽڙي صاف ڪري رهيا هئا ته تيز رفتار ٽرين ڪيرالا ايڪسپريس اچي وئي.
انتظاميا موجب ٽرين ڪيرالا کان نئين دهلي وڃي رهي هئي، واقعي واري هنڌان 3 مزدورن جا لاش هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته چوٿين جي ڳولا جاري آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته هن درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو هو.
پوليس ٻڌايو ته مزدورن جو واسطو تامل ناڊو رياست سان آهي ۽ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like