صدارتي چونڊون: ڪروڙين آمريڪين اليڪشن کان اڳ ئي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ هيل تائين 7 ڪروڙ 50 لک ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ 5 نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ هيل تائين 7 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ووٽر وقت کان اڳ ئي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري چڪا آهن.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يونيورسٽي آف فلوريڊا ۾ قائم ڪيل اليڪشن ليب جي ڊيٽا موجب 4 ڪروڙ 10 لک ماڻهن پولنگ اسٽيشنز وڃي پنهنجو ووٽ ڏنو، جڏهن ته 3 ڪروڙ 40 لک ماڻهن پوستل بيلٽ يا اي ميل ووٽنگ ذريعي پنهنجو حق استعمال ڪيو.
واضح رهي ته آمريڪا ۾ ووٽرن کي اليڪشن جي ڏينهن کان اڳ ئي ووٽ وجهڻ جي اجازت هوندي آهي پر هر رياست ۾ ووٽ ڏيڻ جو طريقي ڪار اتان جي مقامي حڪومت طئي ڪندي آهي ۽ اهو طريقي ڪار ٻي رياست کان مختلف به ٿي سگهي ٿو.
5 نومبر تي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ اصل مقابلو ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس ۾ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.