اھو بحث ته پراڻو آھي ته ’ادب براءِ ادب يا ادب براءِ زندگي.‘ يورپ ۾ ’نئين سجاڳيءَ‘ (Renaissance) واري دور ۾ زندگيءَ وارو ادب زورائتي نموني اڀريو. پر جيڪڏھن ائين چئجي ته نئين سجاڳي آڻڻ ۾ ان ادب جو ڪردار ھئو ته به غلط نه ٿيندو.
’ادب براءِ زندگيءَ‘ جو منھنجي خيال ۾ بھترين مثال روسي ادب ھئو / آھي جنھن جو يقيني طور دنيا کي بدلائيندڙ بولشويڪ انقلاب ۾ حصو آھي. نه رڳو ايترو پر سڄي دنيا خاص ڪري ايشيا ۽ افريقا جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن ۾ زندگيءَ لاءِ نئون اتساھ ۽ نجات جي جدوجھد لاءِ حوصلو پيدا ڪيو. سنڌ جيڪا تاريخي ۽ فطري طور سيڪيولر، روشن خيال، انسان دوست ۽ عوام دوست آھي ان جو متاثر ٿيڻ ته طئي ھئو. سو اسان ڏسون ٿا ته خاص ڪري ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ دوران ۽ ان کان پوءِ 1970ع ۽ 80ع وارن ڏھاڪن دورن سنڌ ۾ انقلابي ادب، نثر توڙي نظم، ھر طرف چمڪاٽ ڪندي نظر اچي ٿو. ان جي روشني شھرن کان ڳوٺن تائين ڦھليل ھئي ۽ زندگيءَ جي ھر شعبي جا ماڻھو استاد شاگرد، ھاري مزدور، وڪيل ملازم سڀ متاثر ٿيا.
ساڳئي وقت سڄي دنيا وانگر سنڌ ۾ به رجعت پسند، انقلاب دشمن، سامراج دوست ۽ اسٽيٽس ڪو حامي ادب به مقابلي جي ميدان ۾ موجود ھئو. ترقي پسند ۽ رجعت پرست، روشن خيال ۽ اوندھ دوست، سيڪيولر ۽ انتھا پسند اديبن جي وچ ۾ مقابلي جي لڪير بلڪل چٽي نڪتل ھئي. ان فڪري جنگ جي ھڪ ننڍڙي جهلڪ تازو ڊاڪٽر شاھ نواز ڪنڀر جي قتل سان اڀريل ٽڪراءَ دوران آڏو آئي جڏھن ڪجهه دوستن ابراھيم سرھندي پير جي لکيل ڪتاب ’سنڌ سونھاري‘ ۽ موٽ ۾ محمّد عثمان ڏيپلائيءَ جي تحرير ’شيخ المشائخ‘ جا حوالا پيش ڪيا.
ان ماحول جي پس منظر ۾ ۽ انھن حالتن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ جيڪي وطن دوست ۽ عوام دوست اديب ۽ شاعر اڀريا انھن ۾ ھڪڙو گدا خاصخيلي به ھئو. جيتوڻيڪ معاشي تنگ دستي ۽ ان جي ئي نتيجي ۾ نصابي تعليم جي گهٽتائيءَ سبب ھو ڪو گهڻو عالمي ادب پڙھي نه سگهيو پر ھن جي شعور جي سطح ايتري بلند ھئي ۽ اندر جو آواز ايترو طاقتور ھئو جو گدا جي شاعري سندس ڪنھن به ھم عصر شاعر سان ڪلھو ھڻي سگهي ٿي. بلڪه ڪن معاملن ۾ اڳتي وڌيل نظر ايندي. ڪنھن وقت سنڌ جو ترقي پسند ادب دنيا جي وھڪرن سان ڳنڍيل ھوندو ھئو. سنڌي شاعريءَ ۾ ويٽنام، ڪانگو ۽ ٻين انقلابي جدوجھدن جو اولڙو نظر ايندو ھئو.
سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ گهڻو تڻو اھو داخليت جو شڪار ٿي ويو. پر جڏھن 1998ع ۾ انڊيا ۽ پاڪستان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته گدا انسان ذات، خاص ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻھن جي مستقبل کي لاحق خطرن کي محسوس ڪندي ’چاغي ۽ پکران تي حملو‘ جھڙو شاھڪار نظم تخليق ڪيو جنھن مان نيو جتوئيءَ جھڙي ننڍڙي ۽ ڏورانھين ڳوٺ ۾ رھندڙ مسڪين گدا خاصخيليءَ جي ذھني پھچ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏھن اھو شعر انگريزي، فرانسيسي يا اسپيني ٻوليءَ ۾ ھجي ھا ته شايد عالَمي شھرت ماڻي ھا. نه رڳو ايترو پر مون کي پڪ آھي ته سنڌ جا به ڪيترا ئي ’مغرب کان متاثر‘ اديب / ليکڪ ان شعر جو ايترو ذڪر ڪن ھا جيترو انھن ھم وطن گدا جو ڪو نه ڪيو. مون کي اطمينان آھي ته مون ھاشم کوسي جي مدد سان 1999ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ عالَمِي امن ڪانفرنس ۾ گدا کي اھو شعر پڙھڻ جو موقعو وٺرائي ڏنو. گدا جي فرمائش تي رسول بخش پليجي انگريزيءَ ۾ شعر جو اختصار ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ واھ واھ ٿي ويئي.
اھڙيءَ طرح گدا ڏيهه (سنڌ) ۽ پرڏيهه جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن جي مسئلن، مامرن ۽ ڪردارن بابت ڪافي شاعري ڪئي. ان ڪري کيس حبيب جالب جھڙن شاعرن جي لڏي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو جن لاءِ ٿڌن ڪمرن جا خيال پرست لکاري چوندا آھن تھ ”انھن وٽ نعري بازي گهڻي آھي.“ جڏھن ته وقت انھن لاءِ ’عوامي شاعر‘ جو خطاب مختص ڪري ڇڏيو آھي.
عوامي شاعر / اديب جي خاصيت اھا ھوندي آھي ته اھو پنھنجي تخليق جي روح ۽ اکر سان ڪميٽيڊ ھوندو آھي. اھو نه رڳو مظلوم محڪوم ماڻھن جي مسئلن ۽ مصيبتن جي اپٽار ڪندو آھي پر انھن جي حل لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ حصيدار به ٿيندو آھي. جيئن پاڪستان جو حبيب جالب، فلسطين جو محمود درويش، چليءَ جو پئبلو نرودا ۽ دنيا جا اھي اڻ ڳڻيا اديب شاعر جن اسپين جي اندروني ويڙهه ۾ فسطائين جي خلاف ترقي پسندن جي پاران ھٿيار به کنيا. سنڌ ۾ به شاعرن ليکڪن عوامي جدوجھد سان سلھاڙجڻ جي ڏوھ ۾ جيل ڪاٽيا جھڙوڪ شيخ اياز (بعد ۾ پاسو بدلائي ويو، اھا ٻي ڳالهه آھي) ابراھيم منشي، انور پيرزادو، بدر ابڙو.
بنگلا ديش جي آزاديءَ کان پوءِ ’نئين پاڪستان‘ ۾ سنڌ جي قومي جدوجھد جو به نئون مرحلو سائين جي ايم سيّد جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ٿيو ته ان جي عملي صورت جيئي سنڌ محاذ جي صورت ۾ اڳيان آئي. اٿندي ئي سائينءَ جي نظر بندين جي ڪري پارٽي گهڻو متحرڪ ۽ منظم ٿي نه سگهي. 1970ع واري ڏھاڪي جي پھرئين حصي دوران سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ مشھور ھئو ته اھا تعليمي ادارن تائين محدود آھي.
1977ع جي آخر ۾ سائين جي ايم سيّد عملي جدوجھد جي واڳ ڪارڪنن جي حوالي ڪئي ته جيئن سنڌ محاذ جي جدوجھد نئين ۽ مختلف شڪل ۾ اڳتي وڌڻ لڳي. 70ع کان اڳ ۾ جيڪي وڏيرا جاگيردار سائينءَ سان گڏ ھئا سي ذوالفقار علي ڀٽي جي صورت ۾ اقتدار جي ڌَپَ سنگهڻ سان سائينءَ کي ڇڏي چڪا ھئا. ان سان انگريزيءَ جي پھاڪي ”Blessing in disguise“ (زحمت پويان رحمت) وانگر قومي تحريڪ وڌيڪ واضح، روشن خيال ۽ عوام دوست صورت اختيار ڪئي. جيئي سنڌ محاذ جا ڪارڪن عوامي صفن مان ايندڙ ھيٺئين طبقي جا ملازم ۽ پورھيت ھئا ۽ وري انھن پنھنجيءَ جدوجھد جو رخ پورھيت عوام ڏانھن ڪيو. اھڙيءَ طرح قومي جدوجھد تعليمي ادارن کان نڪري شھرن، ڳوٺن، پاڙن، ٻنين ۽ ڪار خانن تائين پھتي. ان دور جي ڪارڪنن ۾ ھڪڙو نالو شاعر گدا خاصخيليءَ جو به ھئو.
جيئن ذڪر ٿي چڪو ته گدا نھايت غربت جي زندگي گذاريندڙ ھئو پر ھن پوءِ به پنھنجون سموريون صلاحيتون ۽ سمورا وسيلا قومي تحريڪ کي آڇيا. سندس آستانو تر ۾ قومي تحريڪ جو مرڪز بڻجي ويو. جيئي سنڌ محاذ ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمي جوڙ جڪ جھڙوڪ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ لطيف (ٻارڙا) سنگت جو نه رڳو بنياد گدا خاصخيليءَ جي مڙھيءَ تي پيو پر انھن جي سرگرمين جو مرڪز به اڪثر اھو ئي ھوندو ھئو. جيتوڻيڪ ھو ميمبر جيئي سنڌ محاذ جو ھئو پر سندس ’تڏي‘ جي وسعت سڄي قومي تحريڪ تائين ڦھليل ھئي. نه رڳو جيئي سنڌ جي نالي وارين پارٽين پر ٻين ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ به گدا جي دل ۽ گدا جو دامن کليل ھوندا ھئا. ۽ نه رڳو سياسي پارٽين پر علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين جي ميزباني به ان مڙھيءَ تي ٿيندي ھئي. گدا پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو به سرگرم ۽ سڄاڻ ميمبر ھئو.
گدا کي دانشور چوَڻ تي شايد ڪن ماڻھن جي منھن کي گهنج اچن؛ جيڪڏھن دانشوريءَ جا عالَمِي معيار آڏو آڻبا ۽ ايڊورڊ سعيد، نوم چومسڪي، ابوالڪلام آزاد ۽ جي ايم مھڪريءَ کي مثال بڻائبو ته گدا ان تي پورو نه به لھي (ان معيار تي پوءِ اڄوڪي سنڌ ۾ ڪيترا دانشور لڀندا، اھو به پنھنجيءَ جاءِ تي سوال آھي.) پر سنڌ جي دائري ۾ گدا گهڻن ’ٺپي لڳلن‘ کان بھتر دانشور ھئو. دانشور جي ھڪڙي پرک ھوندي آھي ته اھو نوان خيال آڻيندو ھجي، سوال ڪندو ھجي ۽ سوالن جا جواب وٽس ھجن. گدا ادب ۾ توڻي سياست ۾ نوان خيال ۽ نوان سوال آڏو آڻيندو ھئو جن جا ڪڏھن سياسي ۽ ادبي تنظيمن جي اڳواڻن وٽ به جواب نه ھئا.
دانشور جي ٻي ڪسوٽي اھا ھوندي آھي ته اھو پنھنجن خيالن ۽ اصولن سان عملي طور به ڪميٽيڊ ھجي. گدا ان ڪسوٽيءَ تي به بلڪل پورو ھئو. قومي تحريڪ ۾ ھو سڀني کان وڌيڪ عبدالواحد آريسر کان متاثر ھئو پر جڏھن 1995ع ۾ فيصلائتي گهڙي آئي ۽ سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ جيئي سنڌ محاذ ۾ ٽوڙ آيو ته گدا 16 سال ليڊر رھندڙ آريسر جي بجاءِ اسان ڪارڪنن سان بيٺو. ھو مون کي چوندو ھو ”جيڪڏھن اڄ به آريسر آڏو اچي ته منھنجي دل جي ڌڙڪڻ شايد تيز ٿي وڃي؛ جڏھن ته تنھنجي حوالي سان اھڙي ڳالهه ناھي پر صحيح ۽ غلط جي بنياد تي مان تو سان گڏ آھيان.“
حڪومت وظيفو ڏيڻ لاءِ اديبن شاعرن کان درخواستون گهرايون ته چڱن ڀلن ڏسڻن وائسڻن به وظيفا ورتا پر گدا درخواست ڪا نه ڏني باوجود ان جي ته زندگيءَ جو خاص ڪري پويون حصو نھايت ڏکين حالتن ۾ گذاريائين. اڃا ٻي خاصيت گدا جي ھر ڪنھن کي (قطع نظر سياسي سماجي حيثيت جي) منھن تي سچ چئي ڏيڻ ھئي.
مون سان گدا جي ويجهڙائي 1995ع واري ليڪ نڪرڻ کان پوءِ ٿي جيڪا وقت سان گڏ وڌندي ويئي. زندگيءَ جو اٽڪل پويون ھڪ سال صبح جو روزانو مون سان فون تي ڳالھائيندو ھئو جنھن دوران سياسي، سماجي، ادبي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ذاتي معاملن تي گفتگو ٿيندي ھئي. ڪڏھن ڪن سياسي اصطلاحن ۽ عالَمِي معاھدن بابت ھو مون کان مدد وٺندو ھئو ته ڪڏھن شاعريءَ جي ڪجهه مسئلن تي کانئس رھنمائي وٺندو ھئس. مان وثوق سان چئي سگهان ٿو ته ھن جو گفتگوءَ جو معيار گهڻن ’نالي وارن‘ اديبن، دانشورن ۽ ’وڏن‘ ليڊرن کان بھتر ھئو.
ڪجهه ڳالھين ۾ ھو مون کي حڪم به ڏيندو ھو. سندس چوڻ ھو ته ”جيڪڏھن صبح جو ڪنھن مصروفيت سبب فون نه کڻي سگهين ته بعد ۾ ڀلي ھڪ منٽ لاءِ ئي سھي پر فون لازمي ڪرڻي اٿئي.“ ٻيو حڪم ھئس ته ”منھنجي فوتگيءَ وقت ڪٿي به ھجين ۽ ڪھڙيءَ به مصروفيت ۾ ھجين، منھنجي مٿان اچڻو ضرور اٿئي ۽ مضمون به لازمي لکڻو اٿئي.“ ٽيون حڪم جيڪو سستيءَ يا ڪوتاھيءَ جي ڪري سندس زندگيءَ ۾ عمل ۾ نه آڻي سگهيس، ڪوشش ڪندس ته ان تي عمل ڪريان ۽ اھو اھڙو ڪم آھي جو ٿيندو ته پاڻ ئي ظاھر ٿيندو.