اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ جلد عوام صوبائي حڪومت جي ڳچي پڪڙيندو، ماضي ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت طالبان کي واپس گهرايو ۽ ان وقت جي وزيراعظم نيشنل ايڪشن پلان تي هڪ به اجلاس نه ڪيو ۽ هاڻي هي حڪومت جوابدارن جي آجيان ڪري رهي آهي ۽ دهشتگردي روڪڻ تي ڪو ڌيان ناهي.
وفاق اڳ به آڇ ڪئي هئي، هاڻي به گڏجي وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. ان حوالي سان وفاقي حڪومت جيڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي اهو ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرڏيهي پاليسي صوبي جو ڪم ناهي، کين گهرجي ته پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏين ۽ وفاق کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪومتي ڪوششن سان معيشت بهتري جي رستي تي آهي، قطر پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو.
سعودي عرب سيڙپڪاري ۾ 2.8 بلين ڊالرن تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته سعودي فاسٽ فوڊ چين ”البيڪ“ پاڪستان ۾ اچي رهي آهي.
سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي پاڪستان دوري دوران 27 معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون پر هاڻي ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي.
You might also like