اختر لانگو ۽ شفيع محمد جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سينيٽ هال ۾ داخل ٿيڻ ۽ هٿيار کڻي وڃڻ جي ڪيس ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبرن اختر حسين لانگو ۽ شفيع محمد جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي کين جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جج طاهر عباس سپرا جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي بنياد تي وڌيڪ جسماني رمانڊ طلب ڪري رهيا آهيو، توهان پهريان ٻه ڏينهن ڇا ڪيو، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته هٿيار هٿ ڪرڻا آهن، تنهن ڪري جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.
جج طاهر عباس سپرا کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو هٿيار؟ ڪنهن گواهه ٻڌايو؟ ڪنهن جو بيان آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار مزاحمت دوران کيسي ۾ هٿ وجهي رهيا هئا.
جج طاهر عباس سپرا ريمارڪس ڏنا ته مان به سياري ۾ کيسي ۾ هٿ وجهندو آهيان. جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا.
جسٽس طاهر عباس سپرا رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هٿياربند ماڻهو اندر وڃن ته پارليامينٽ جي سيڪيورٽي جي ذميواري آهي، مان ۽ اوهان ته نٿا وڃي سگهون.
بعد ۾ عدالت جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي بي اين پي مينگل جي اڳواڻن اختر حسين لانگو ۽ شفيع محمد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.