ڪراچي: نيويارڪ اسپورٽس تحت اسٽريٽ چلڊرن بيڊ منٽن چيمپيئن شپ جو انعقاد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) نيويارڪ اسپورٽس تحت اسٽريٽ چلڊرن بيڊمنٽن چيمپيئن شپ جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي سوين اسٽريٽ چلڊرز حصو ورتو.
اسٽريٽ چلڊرن بيڊمنٽن چيمپيئن شپ جي تقريب کي خطاب ڪندي اسپورٽس آرگنائيزر عبدالحفيظ خان چيو ته اسٽريٽ چلڊرن بيڊمنٽن چيمپيئن شپ ڪرائڻ سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته اسٽريٽ چلڊرن کي تعليم سان گڏ غير نصابي سرگرمين حصو وٺڻ گهرجي، اسٽريٽ چلڊرن به معاشري جو حصو آهن، نوجوان جسل جديد تعليم ذرعي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته راندين کي هٿي ڏيڻ پهرين ترجيح آهي، نيويارڪ اسپورٽس راندين شعبي ۾ پاڻ پتوڙي رهي آهي ، اسٽريٽ چلڊرن جي حوصلا افزائيءَ لاءِ اهڙي قسم جا ايونٽ مستقبل ۾ منعقد ڪيا وڃن.
عبدالفيظ خان چيو ته اسٽريٽ چلڊرن پاڪستان سان محبت، ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته شاگرد ئي دنيا ۾ پنهنجي قوم ۽ ملڪ کي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.