لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اجلاس ۾ بلوچستان عوامي پارٽي ( بي اي پي ) جي دنيش ڪمار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر همايون مهمند ۾ خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري سطح تي ڏياري نه ملهائڻ تي منهن ماري ٿي.
سينيٽ جي خطاب ۾ دنيش ڪمار چيو ته ٽن صوبن ۾ ڏياري سرڪاري سطح تي ملهائي وئي، گنڊاپور کي چئو خيبرپختونخوا ۾ به ڏياريءَ جو تهوار ملهائي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪا مذهبي هم آهنگي آهي اِها اوهان کي سڄي دنيا ۾ نه ملندي.
سندس چوڻ هو ته مريم نواز هندو برادري سان گڏ ڏياري ملهائي اِهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، هن ڏياري ملهائي دنيا کي سٺو پيغام ڏنو، اڄ مان مريم نواز منهنجي ليڊر آهي.
ان تي سينيٽر همايون مهمند چيو ته پوءِ اوهان هتي ڇو ويٺا آهيون؟ سرڪاري بئنچن تي ويهو.
واضح رهي ته گذريل ڏنهن پهريون ڀيرو پنجاب جي تاريخ ۾ سرڪاري سطح تي ڏياريءَ جو تهوار ملهايو ويو، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڏياريءَ جو ڏيئو ٻاريو ۽ تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.