ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جي ضمانت منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيل مقبول وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن ايمان زينب مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي ڇٺا جي ضمانت منظور ڪندي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر راجا نويد طرفان ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪئي وئي، جڏهن ته عدالت ضمانت منظور ڪندي 20، 20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايمان مزاري ۽ مڙس جي جسماني ريمانڊ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ٻنهي کي جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.