چٽاگانگ (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا، بنگلاديش کي چٽاگانگ ٽيسٽ ۾ اننگز ۽ 273 رنسن تان هارائي ٻن ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش خلاف تاريخي ڪاميابيءَ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
چٽاگانگ ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
راند جي ٽئين ڏينهن بنگلاديش پهرين اننگز 38 رنسون چار رانديگر آئوٽ تان شروع ڪئي ۽ پوري ٽيم 159 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
مومن الحق 82 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته تيج السلام 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ڏکڻ آفريڪا جي ڪگيسو رباڊا پنج شڪار ڪيا جڏهن ته پيٽرسن ۽ ڪيشو مهارج جي حصي ۾ ٻه، ٻه وڪيٽون آيون.
فالو آن کانپوءِ بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگز ۾ به 143 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، حسن محمود 38 ۽ ڪپتان نجم الحسن شانتو 36 رنسون ٺاهيون.
ٻي اننگز ۾ ڪيشو مهاراج شاندار بالنگ ڪندي پنج وڪيٽون ورتيون جڏهن ته سينورن موتوسامي چئن رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو .
ٻي ٽيسٽ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪندڙ ٽوني ڊي زورزي کي پليئر آف دي ميچ جڏهن ته ڪگيسو رباڊا کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو .
ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي وائيٽ واش ڪرڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل تائين ڪواليفاءِ ڪرڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
Next Post
You might also like