واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي کي پاڪستاني عدالتن جو معاملو قرار ڏيندي چيو ته عمران خان کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ ۾ آمريڪا جو ڪردار ناهي.
پريس بريفنگ دوران آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان کان صحافي سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا دعويٰ ڪئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر چونڊجي ويو ته عمران خان کي جيل مان آزاد ڪيو ويندو، هن اهو به چيو ته آمريڪي سفير ڊونلڊ لو عمران خان کي هٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
صحافي جي سوال جي جواب ۾ ميٿيو ملر چيو ته مان ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ترديد ڪري چڪو آهيان ۽ ٻيهر به چوندس ته اها حقيقت ناهي.
You might also like