دوحا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
دوحا ۾ وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ون آن ون ملاقات به ٿي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
شهباز شريف ۽ قطر جي امير اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم ۽ قطر جي امير علائقائي ۽ عالمي معاملن، فلسطينين خلاف اسرائيل جي جاري نسل ڪشي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
شهباز شريف قطر جي امير جي طرفان فلسطين جي مسئلي تي قطر جي موقف جي واکاڻ ڪئي، هن فوري جنگ بندي لاءِ قطر جي ٽياڪڙي ۽ انساني امداد جي فراهمي کي ساراهيو.
You might also like