اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجو سيڪريٽري ۽ ايگزيڪٽو آفيسر مقرر ڪري ڇڏيا.
نون آفيسرن جي مقرري جي جاري ڪيل پڌرائي موجب سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري محمد ياسين کي گريڊ 21 ۾ چيف جسٽس جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري محمد عارف کي گريڊ 20 ۾ چيف جسٽس جو ايگزيڪٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو.
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جو نئون رجسٽرار به جلد مقرر ڪيو ويندو، موجوده رجسٽرار جزيله اسلم جي جج طور واپسي جو امڪان آهي، چيف جسٽس جا اسٽاف آفيسر به جلد مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like