وزيراعليٰ پنجاب جو 3 هزار کان وڌيڪ صحافين کي پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز 3 هزار 200 صحافين کي پلاٽ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مريم نواز اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري سان ملاقات ۾ صحافي ڪالوني لاهور فيز 2 لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعليٰ چيو ته صحافي ۽ حڪومت هڪ گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن، صحافين کي پلاٽ ڏئي ٿورا نه پيا ڪيون پر اهو سندن حق آهي، سڀني صحافين کي ميرٽ ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ پلاٽ ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.