ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شير شاهه پل تي ٽرالر تي رکيل ڪنٽينر موٽر سائيڪل تي ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
حادثي ۾ هڪ گاڏي کي به نقصان پهتو، جڏهن ته حادثي کانپوءِ ڊرائيور ٽرالر ڪاهي فرار ٿي ويو.
ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته فوتي شخص جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته حادثو ٽرالر تي ڪنٽينر لاڪ نه هجڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته فرار ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي.
You might also like