راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي احتجاجي حڪمت عملي درست نه هئي، عمران خان نئين احتجاجي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته مان پي ٽي آءِ باني کي ٻڌايو ته علي امين گنڊاپور احتجاجي حڪمت عملي ٺيڪ نه ٺاهي، اهي احتجاج ٺيڪ نه هئا، پي ٽي آءِ باني ڪجهه فيصلا ڪيا آهن، جن بابت سلمان اڪرم راجا ٻڌائيندو.
هن چيو ته عمران خان نئين احتجاجي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي، مان ان ڪميٽي جو حصو هوندو، سيارو به اچي رهيو آهي، ان حوالي سان منصوبابندي ڪنداسين، اهڙي حڪمت عملي جوڙينداسين ته جيڪڏهن هڪ ليڊر پڪڙيو وڃي ته ٻيو قيادت ڪري.
گنڊاپور جي حڪمت عملي درست نه هئي، عمران خان نئين احتجاجي ڪميٽي ٺاهڻ جو چيو آهي: مروت
You might also like