فيمنزم تي يقين ناهي، عورت کي گهر ۾ ئي رهڻ گهرجي: مائرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ماڊل ۽ اداڪارا مائرا خان چيو آهي ته هوءَ فيمنزم تي يقين نٿي رکي، هر عورت کي گهر ۾ ئي رهڻ گهرجي.
مائرا خان ويجهڙائي ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي، هن ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا.
پروگرام دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هوءَ پاڻ هڪ عورت آهي، انڪري ڪنهن سان به محبت جو اظهار نٿي ڪري سگهي، اِهو ڪم مرد کي ئي ڪرڻ گهرجي.
ان تي ميزبان چيو ته ڪجهه عرصو اڳ مهم هلي هئي ته مرد ۽ عورت برابر آهن، جنهن تي مائرا خان چيو ته هوءَ هيش ٽيگ فيمنزم تي ايترو يقين نٿي رکي ۽ سمجهي ٿي ته عورت کي گهر ۾ ئي رهڻ گهرجي ۽ کيس گهر اندر ئي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هن مسڪرائيندي چيو ته جڏهن کان هيش ٽيگ فيمنزم ۽ هيش ٽيگ فيمنسٽ آيو آهي، تڏهن کان هر ڪوئي نعرو لڳائي رهيو آهي ته اسين برابر آهيون، اسان به ڪم ڪنداسين، پر کين ڪم ناهي ڪرڻو، هو برابر ناهن.
اداڪارا چيو ته سندس زندگيءَ ۾ ڪو نه ڪو اهڙو مرد ايندو جيڪو کيس ڪمائي ڏيندو ۽ هوءَ خرچ ڪندي رهندي.
مائرا خان جي بيان تي سوشل ميڊيا واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪندي سندن ڳالهه سان اتفاق به ڪيو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن مٿس تنقيد ڪندي لکيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پاڻ ڇو گهر کان ٻاهر آهي ۽ ڇو ڪمائي رهي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.