ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ اڏاوت هيٺ اسپتال جي ڀت ڪرڻ سبب ڊاڪٽر ۽ اڳوڻو پوليس آفيسر اجل جو شڪار ۽ هڪ واٽهڙو عورت زخمي ٿي پئي.
فوتين ۾ 65 سالن جو ڊاڪٽر رسول بخش ابڙو ۽ ريٽائرڊ پوليس انسپيڪتر 65 ورهين جو خادم حسين لاشاري شامل آهن.
ٻئي ڄڻا نجي اسپتال جا مالڪ هئا، حادثي ۾ هڪ واٽهڙو عورت به زخمي ٿي جنهن جي سڃاڻپ رقيه عرفاني جي نالي سان ٿي.
زخمي عورت کي جناح اسپتال نيو ويو جتي سندس هڪ ڄنگهه ڪٽڻي پئي.