ميڪسيڪو ۾ بس کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سبب 19 ڄڻا فوت

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) اتر آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو ۾ بس کاهيءَ ۾ ڪرڻ سان 19 ڄڻا فوت ٿي ويا.
مقامي اختيارين موجب 26 آڪٽوبر تي ميڪسيڪن رياست زڪاٽيڪاس ۾ هڪ هاءِ وي تي بس سان حادثو پيش آيو.
اختيارين ٻڌايو ته مسافرن کي کڻي ويندڙ بس هاءِ وي تي موجود هڪ ٽريڪٽر ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي ۽ پوءِ کاهيءَ ۾ وڃي ڪري.
اختيارين موجب حادثي ۾ 19 ڄڻا فوت، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.