اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جعلي رسيد جي رپورٽ ڪرڻ تي انعام مقرر ڪري ڇڏيو.
ايف بي آر موجب ٽيڪس آسان موبائل ايپ تي ريسٽورنٽس ۽ ريٽيلرز جي رسيد جي ڪيو آر ڪوڊ سان تصديق ڪري سگهجي ٿي.
ايف بي آر موجب جعلي رسيد رپورٽ ڪندڙ کي 20 هزار رپيا انعام ڏنو ويندو، رسيد جي تصديق نه ٿئي ته موقعي تي ئي جيو ٽريڪنگ سان جعلي رسيد کي رپورٽ ڪري سگهجي ٿو.
ايف بي آر جو چوڻ آهي ته رپورٽنگ جو طريقي ڪار ۽ تفصيل ايف بي آر جي ويب سائيٽ تي موجود آهن.
Prev Post
You might also like