رميز راجا جي شان مسعود سان غير سنجيده رويي تي پي بي سي براڊ ڪاسٽرز کي خط لکي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ جي پڄاڻي تي ڪمينٽريٽر رميز راجا طرفان ڪپتان شان مسعود تي طنزيه جملن تي پي سي بي براڊ ڪاسٽرز سان خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پي سي بي براڊ ڪاسٽرز کي خط لکي رميز رجا جي رويي کان آگاهه ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته رميز راجا گذريل ڏينهن ڪاميابي باوجود ڪپتان شان مسعود سان غير سنجيده گفتگو ڪئي هئي، هن شان مسعود جي ڪپتان طور 6 ناڪامين جو ذڪر ڇيڙيو ۽ اهو به چيو ته لڳي ٿو اسپنر نعمان ۾ رت جي کوٽ آهي.
ان رويي تي سوشل ميڊيا واهپيدارن رميز راجا تي سخت تنقيد ڪئي آهي، ڪرڪيٽر محمد عامر پڻ تنقيد ڪندي چيو ته وڏون ڪڍڻ بدران ٽيم جو جتي ڪريڊٽ ٺهي ٿو، اهو ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.