ايران اسرائيلي ميزائل حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، وڊيو جاري

تهران (ويب ڊيسڪ ) ايران اسرائيلي ميزائل حملن کي ناڪام بڻائڻ جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
اسرائيل ايران جي راڄڌاني تهران جي امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ سميت شيراز ۽ ڪرج شهر ۾ هوائي حملا ڪيا.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي ايراني فوج طرفان هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي.
ايران جو چوڻ آهي ته ايران ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، اسرائيل کي جوابي ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو.
ايراني فوجي اختيارين چيو آهي ته حملن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هوائي دفاعي نظام استعمال ڪيو ويو.
ايراني ميڊيا موجب، پاسداران انقلاب جي ڪا به آفيس نشانو ناهي بڻي.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايراني حملن جي جواب ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي، ايران ۾ طئي ٿيل فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو .
ترجمان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران حملن جي جواب ۾ حملا ڪيا ته سخت جواب ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.