اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اعزاز ۾ الوداعي فُل ڪورٽ ريفرنس ٿي گذريو.
فُل ڪورٽ ريفرنس ۾ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سميت سپريم ڪورٽ جي 11 موجودا ججن شرڪت ڪئي، سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه سميت 6 ججن الوداعي ريفرنس ۾ شريڪ نه ٿيا.
ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪندڙن ۾ جسٽس منصور علي شاهه سميت، جسٽس منيب اختر، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس ملڪ شهزاد شامل آهن.
جسٽس يحيٰ آفريدي سڀاڻي 30 چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو قسم کڻندو، حلف برداري تقريب صبح 11 وڳي ايوانِ صدر ۾ ٿيندي، مهمانن کي دعوت ناما جاري ڪيا ويا آهن.
حلف برداري تقريب ۾ اعليٰ عدليا جا سينيئر جج، حڪومتي شخصيتون ۽ وڪيل شرڪت ڪندا.
You might also like