اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنگجاني ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل جي ضمانت واري درخواست ۾ 19 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسن ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جتي ٻڌڻي دوران زرتاج گل سندس وڪيل سردار مصروف خان، انصر ڪياني ۽ آمنه علي سميت پيش ٿي.
وڪيل صفائي سردار مصروف خان موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ شريڪ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست منظور ٿي چڪي آهي.
ان موقعي تي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست بابت آگاهه ڪيو ۽ استدعا ڪئي ته اها ضمانت ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست سان گڏ ٻڌي وڃي.
عدالت پراسيڪيوٽر جي درخواست منظور ڪندي زرتاج گل جي ضمانت ۾ 19 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
Prev Post
You might also like