بابر اعظم جلد فارم ۾ ايندو ۽ ميچون کٽرائيندو: جيسن گليسپي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو آهي ته جنهن ڏينهن پاڪستاني ٽيم سٺو ناهي کيڏندي ته ميڊيا ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر تنقيد ڪندا آهن، اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان سٺن لفظن جو اظهار رانديگرن کي اتساهه ڏيندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هيڊ ڪوچ چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته پاڪستان جي ڪوچنگ ڪرڻ چئلينج آهي، هن ڀيري پاڪستان جي ڪوچنگ ماضيءَ جي تجربن کان مختلف آهي.
جيسن گليسپي چيو ته جڏهن ڪوچنگ جي آڇ ٿي تڏهن ٻڌايو ويو ويو ته اِهو طويل مُدتي پلان آهي.
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي ماحول کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ بابت روز ڪجهه نئون سکان ٿو.
هيڊ ڪوچ چيو ته شان مسعود کي آسٽريليا ۾ ڪپتاني ڏني وئي، اِهو ڏکيو دورو هو، شان مسعود رانديگرن سان سٺو ورتاءُ ڪري ٿو.
جسين گليسپي وڌيڪ چيو ته بابر اعظم بهترين ڪرڪيٽر آهي، وڏن رانديگرن تي برو وقت ايندو آهي، مون کي يقين آهي ته هو جلد فارم ۾ واپس ايندو ۽ ميچون کٽرائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.