سنڌ حڪومت جو پورهيتن جي فنڊن جي اوڳاڙي ۽ ڦاٿل فنڊن بابت وفاق سان رابطي جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پورهيتن بابت فنڊن جي اوڳاڙي ۽ ڦاٿل فنڊن جي واپسي لاءِ وفاقي سرڪار رابطي جو فيصلو ڪري ورتو.
وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ضياءَ الحسن لنجار ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ مان ايف بي آر 2014ع کان 2021ع تائين صنعتي يونٽس کان 22 بلين رپين جي اوڳاڙي ڪئي آهي، ايف بي آر ستن سالن ۾ سنڌ جي 500 يونٽس مان اوڳاڙيون ڪيون آهن.
چيف سيڪريٽري وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته 3.25 بلين رپيا ملي وڃن ته پورهيتن جي سار سنڀالي لڌي ويندي.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ايف بي آر 2016 کان 2017ع تائين ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ ورڪرز ويلفيئر پارٽيسپيشن به سنڌ مان جمع ڪندي رهي آهي.
هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ ايس ڊبليو ڊبليو ايف ۽ ايس ڊبليو پي پي ايف تي رڳو صوبي جو حق آهي، وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري فنڊن واپس آندا ويندا.
وڏي وزير چيو ته ورڪرز ويلفيئرز بورڊ پورهيتن جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ يونيفارم فراهم ڪندا آهن، 2 لک رپيا پورهيتن کي هر نياڻي جي شادي تي ڏنا ويندا آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پورهيت جي لاڏاڻي تي سندس خاندان کي ست لک رپين جي مالي مدد ڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.