ڊي آءِ خان: دهشتگردن جو ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملو، ڏهه اهلڪار شهيد

ڊيرا اسماعيل خان ( ويب ڊيسڪ ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ ڏهه اهلڪار شهيد ٿي ويا.
گهرو کاتي جي ترجمان موجب، دهشتگردن ڊي آءِ خان جي علائقي درازنده ۾ زام ايف سي چيڪ پوسٽ تي رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو، حملي ۾ ايف سي جا ڏهه جوان دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا.
ترجمان موجب، شهيد ايف سي جي ڇهن جوانن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان ۽ چئن جو تعلق ڪرڪ ضلعي سان آهي.
گهرو کاتي ايف سي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيرا اسماعيل خان ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. محسن نقوي زام چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ايف سي اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
ان کانسواءِ گهرو وزير بنون ۾ جاني خيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي گاڏي ۽ ڪوهاٽ ۾ سب انسپڪٽر مٿان فائرنگ جي واقعن جي به مذمت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.