اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته هڪ ڪاغذ هڪ ڌر لاءِ فائدو ۽ هڪ لاءِ نقصان هوندو آهي، سچ ڇا آهي رڳو الله ئي ڄاڻي ٿو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مان ۾ الوداعي فل ڪورٽ ريفرنس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سميت 16 ججن، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، سندس گهرواري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته کيس هڪ ڀيري سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي رجسٽرار ڊاڪٽر فقير محمد جي ڪال آئي ته چيف جسٽس افتخار چوڌري سڏي رهيو آهي، کيس لڳو ته چيف جسٽس ڇنڊ پٽيندو ڇو ته هو انگريزي اخبار ۾ لکي رهيو هو پر هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪوبه جج ناهي، اوهان چيف جسٽس بڻجو.
سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس بلوچستان بڻجڻ بعد زندگي بدلجي وئي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪم ڪيو، ماڻهن کي خبر آهي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان ۾ سندس گهرواري جو ڪردار هو پر گهرواريءَ چيو نالو نه آندو ويندو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪڏهن به ڪاز لسٽ ٺاهڻ ۾ مداخلت نه ڪئي، ٿي سگهي ٿو ڪيترائي فيصلا غلط ڪيا هجن، هڪ ڪاغذ هڪ پارٽي لاءِ فائدو ۽ ٻئي خلاف هوندو آهي، سچ ڇا آهي رڳو الله تعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ماحوليات تي سڀني کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ماحول سٺو نه رهيو ته نه رڳو جانور پر انسانن لاءِ به رهڻ مشڪل ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته مارگلا هل تي قائم ريسٽورنٽن خلاف فيصلو ڏيڻ تي سندس نياڻي شڪايت ڪئي، جهنگلي جيوت جي گهرن کي ڊاهي پنهنجو ڪاروبار نه ٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته زندگيءَ ۾ سندس گهر واري کي ويٽو پاور حاصل آهي، بلوچستان جي مشڪل علائقن ۾ گهر واري ساڻس گڏ رهي.
الوداعي ريفرنس کي خطاب جي موقعي تي هن هڪ عورت طرفان ڏانهس لکيل خط پڻ پڙهيو جنهن ۾ عورت سندس ماضيءَ جي هڪ ڪيس جي فيصلي کي ساراهيو هو.
هن چيو ته انصاف ڏيڻ جج جو فرض آهي، ان لاءِ ئي کيس چونڊيو ويندو آهي، منهنجي آزادي ۾ ڪجهه ڪلاڪ رهجي ويا آهن.
You might also like