اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مان ۾ فل ڪورٽ ريفرنس ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي سنيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ته سندس خط ريفرنس جي رڪارڊ تي رکيو وڃي.
خط ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوور اسپيڊنگ سبب اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي الوداعي ريفرنس ۾ شرڪت نه هئي ۽ موجود جيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي الوداعي ريفرنس ۾ به شرڪت نه ڪندس.
خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي ته چيف جسٽس جو ڪردار ماڻهن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي ۽ هڪ چيف جسٽس کي عدليا جي آزادي جي حفاظت ڪرڻي هوندي آهي پر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدليا تي پرڏيهي دٻاءُ کي نظر انداز ڪيو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدليا ۾ ٻاهرين مداخلت جا در کوليا، قاضي فائز عيسيٰ لاءِ ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جا سبب وڌيڪ پريشان ڪندڙ آهن.
جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي نظر ۾ عدليا جي فيصلن جو ڪوبه قدر ناهي ۽ چيف جسٽس چيو ته فيصلن تي عمل نه ڪيو وڃي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ساٿي ججن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪيو جنهن جا اثر عدليا تي رهندا.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته قاضي فائز عيسيٰ عدليا کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پنهنجا قانون ٺاهڻ کي مناسب گرائونڊ فراهم ڪيو.
You might also like