راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن شعيب بشير ۽ ريحان احمد کي راولپنڊي ۾ پاڪستان خلاف سيريز جي ٽِين فيصلائتي ٽيسٽ ميچ لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٻئي رانديگر برطانيا ۾ ڄاوا پر سندن خاندان جو تعلق پاڪستان سان ئي آهي ۽ سندن ڪيئي رشتيدار هتي رهن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ٻنهي رانديگرن ميدان ۾ اردو جي استعمال، پاڪستاني ٽيم سان جمعي جي نماز جي ادائيگي ۽ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊريسنگ روم جي ماحول بابت ويچار ونڊيا.
ريحان احمد ۽ شعيب بشير ٻئي پوٽوهاري ٻولي ڳالهائيندڙ آهن جيڪا آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ ڳالهائي ويندي آهي ٻنهي رانديگرن جي خاندانن جو تعلق به ان علائقي سان آهي.
ٻئي ڪرڪيٽر ايتري اردو ڄاڻن ٿا جو اِهو سمجهي سگهن ٿا ته ميدان ۾ پاڪستاني رانديگر پاڻ ۾ ڇا ڳالهائي رهيا آهن.
ريحان احمد موجب، سندس اردو ايتري خراب نه آهي، مناسب آهي، هو اردو ڳالهائي سگهي ٿو پر ان ۾ ڪجهه انگريزي ٻوليءَ جا لفظ شامل هوندا آهن، پر هو سڀ سجهندو آهي.
ان ڏس ۾ شعيب بشير هڪ دلچسپ واقعي شيئر ڪيو ۽ چيو ته ڇاڪاڻ ته هو اردو سمجهي سگهي ٿو، جنهن جو فائدو پاڪستان خلاف ميچ ۾ ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو سڀ ڪجهه سمجهي ويندو آهي ۽ جواب ۾ ڏئي سگهي ٿو پر هو رواني سان اردو نٿو ڳالهائي سگهي، جڏهن پاڪستاني رانديگر اردوءَ ۾ ڳالهائيندا آهن ته مان بين اسٽوڪس وٽ وڃي کيس ٻڌائيندو آهيان ته هي ( بيٽر) مِڊ وڪيٽ جي مٿان شاٽ کيڏڻ وارو آهي.
هن چيو ته هڪ ڀيري هو بيٽنگ ڪري رهيو هو، محمد رضوان وڪيٽن جي پٺيان بيٺو هو، کيس هونئن به ڳالهين ڪرڻ جو شوق آهي، هو جيئن ئي بيٽنگ تي آيو ته رضوان چوڻ لڳو ” هي ڇوڪرو اردو سمجهي ٿو، اسان پشتو ۾ ڳالهائينداسين“ ۽ پوءِ ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿي رهيو آهي.
شعيب بشير چيو ته هو انگلينڊ ۾ ڄائو آهي انڪري هميشه کان انگلش ٽيم جو پرستار رهيو آهي، پر جڏهن به پاڪستان جي ڀارت يا ڪنهن به ٽيم خلاف ميچ هوندي آهي ته پاڪستان کي سپورٽ ڪندو آهيان.
ريحان احمد چيو ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ۾ امتيازي سلوڪ وارين ڳالهين ۾ ڪا به سچائي نه آهي.
هن چيو ته بيز( انگلينڊ ٽيم جو هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم ) اسٽوڪس ۽ ٽيم انتظاميا سندن لاءِ نماز جو به انتظام ڪندي آهي، سڀ پهرين انهن سمورين شين جو خيال رکيو ويندو آهي جيڪي کين گهربل هونديون آهن.
ريحان احمد چيو ته پاڪستاني ٽيم سان گڏ جمعي جي نماز به پڙهي، اسان سندن هوٽل ۾ ويا هئاسين جتي رضوان نماز جي امامت ڪئي.
شعيب بشير چيو ته جيستائين ممڪن هوندو انگلينڊ لاءِ کيڏندس، لاها چاڙها ايندا رهندا پر اسان جو ايمان اِهو سيکاري ٿو قسمت اڳواٽ لکيل هوندي آهي، اوهان کي حالتن موجب هلڻو هوندو آهي.
ريحان احمد چيو ته طويل مدتي حڪمت عملي بابت نه سوچيو، اسان کي سٺو انسان بڻجڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪميونٽي لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي، ٿيندو اِهو ئي جيڪو نصيب ۾ لکيل هوندو، اسان هر حال ۾ خوش رهنداسين.
Next Post
You might also like