ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هلندڙ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي 85 هزار جي سطح تي موجود 100 انڊيڪس اڄ چوٿين ڏينهن 89 هزار 126 پوائنٽن تائين پهچي ويو.
اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس مجموعي طور تي 1751 پوائنٽن جي واڌ سان 88 هزار 945 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو.
بازار ۾ اڄ 75 ڪروڙ 76 لک شيئرز جا سودا 36 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 173 ارب رپيا وڌي 11 هزار 592 ارب رپيا آهي.
4 ڏينهن دوران 100 انڊيڪس ۾ مجموعي طور تي 3 هزار 695 پوائنٽون، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ 415 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي.
You might also like