فاسٽ بالر مير حمزا قومي اسڪواڊ مان رليز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي فاسٽ بالر مير حمزا کي قومي اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو.
پي سي بي موجب، مير حمزا کي ٽِين ٽيسٽ ميچ کان اڳ کاٻي ڄنگهه ۾ هلڪي تڪليف جي شڪايت ڪئي هئي جنهن سبب جو ٽريننگ ۾ حصو نه وٺي سگهيو.
هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته پي سي بي مير حمزا کي اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو آهي، فاسٽ بالر ميڊيڪل ٽيم سان گڏ ڪراچي ۾ صحتيابي ۽ بحالي وارو عمل ڪندو .
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽِين ٽيسٽ ميچ راولپنڊي ۾ جاري جنهن ۾ قومي ٽيم ۾ ٽن اسپنرز نعمان علي، ساجد ۽ زاهد محمود کي پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.