عالمي برادري اسرائيلي ظلم خلاف اثرائتو ڪردار ادا نه ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فلسطين ۾ جارحيت تي دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، عالمي برادري جنگ  بندي لاءِ اثرائتو ڪردار ادا نه ڪيو آهي، اسرائيل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي سفارشن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ فلسطيني شاگردن جي اعزاز ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو فلسطيني شاگردن کي کليل دل سان ڀليڪار ڪن ٿا.هن چيو ته پاڪستان اوترو ئي منهنجو گهر آهي جيترو اوهان جو، اسان جون دليون اوهان سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، عوام ڏک جي هن گهڙي ۾ فلسطيني ۽ لبناني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.وزيراعظم چيو ته اسرائيل مسلسل بيگناهه فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، فلسطين جو هر شهر ۽ ڳوٺ تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي عدالتن جي توهين آهي. انصاف بيوس نظر اچي ٿو.هن چيو ته فلسطيني شاگردن کي سرڪاري خرچ تي تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، فلسطين مان وڌيڪ شاگردن کي پاڪستان آڻڻ ۽ تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.