نيويارڪ(رضا رومي)ناليواري تجزئي نگار ڊاڪٽر عائشه صديقهچيو آهي ته اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته افتخار چوڌري کانپوءِ ججن ڪا حد نه ڇڏي هئي، ججن کي وارننگ ڏني وئي ته ايترو نه وڌو جو معاملو توهان جي ڳچي ۾ پئجي وڃي، جج پارٽي ٿي ويا هئا،هن چيو ته رياست جي مثبت هجڻ لاءِ عدليه، پارليامينٽ ۽ فوج وچ ۾ بيلنس هجڻ گهرجي، اهو بيلنس بلڪل نه رهيو، هن چيو ته ڳالهه آئيني ترميم جي نه پر جهڙي طريقي سان ڪئي وئي ان تي اعتراض آهن، ماڻهن کي اغوا ڪرڻ،سندن مائٽ کنڀڻ،زبردستي ڌونس سان اها آئيني ترميم پاس ڪئي وئي، مولانا فضل الرحمان گوڙ نه ڪري ها ته پ پ ۽ ن ليگ سڀ ڪجهه سرينڊر ڪري ڇڏين ها،اها ترميم ٻن ماڻهن جي جهيڙي سبب ڪرائي وئي،هڪ کي هارايو ويو، اها ترميم توهان خلاف به استعمال ٿيندي، آئيني ترميم سان سياسي پارٽين ۾ ڳالهين جو رستو به کليو آهي،تحريڪ انصاف ۽ حڪمران ڌر کي هاڻي عقل اچڻ گهرجي، هن چيو ته منصور علي شاهه چيف جسٽس نه بڻيو ته گهڻو گوڙ ٿيندو، طوفان بدتميزي پيدا ٿيندو، هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌي چيف جسٽس لڳائجي ته پوءِ عدم استحڪام جا امڪان گهٽ ٿيندا،ڳالهين سان اڳتي هلي ميثاق جمهوريت لاءِ وڌيڪ دڳ کلي سگهن ٿا،تحريڪ انصاف ۽ حڪمران اتحاد کي به عقل اچڻ گهرجي،هن چيو ته عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ اڳ ۾ ڀائي ڀائي هئا، پر هاڻي انهن ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي، ججن جي ڪارڪردگي جا مسئلا به هئا، توهان هڪ طاقتور اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ لاءِ پنهنجو گهر ته ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، افتخار چوڌري به فوج جي طاقت جو سرچشمو هو، ثاقب نثار يا ڪهڙا جج هئا جيڪي فوج جي اثر کان پاڪ هئا؟ججن لڪيل انداز ۾ فوج جي مدد ڪئي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو هڪ فيصلو جنرل فيض حميد خلاف ڏنو هو سموري سول سوسائٽي هن سان گڏ ٿي وئي،ان کانپوءِ هن جيڪو ڪيو اهو ته بلڪل جهولي ۾ ڪري پيو، تازو عدليه جو اعتماد ليول وڌيو هو، 63 اي جو فيصلو جسٽس بنديال پورو لکيو به نه هو، هن چيو ته فوج هاڻي ڪنٽرول آف رياست کان گورننس جي ڪنٽرول تائين پهچي وئي آهي،عدليه گورننس ۾ به ملوث آهي ان ڪري هاڻي ججن جا پر ڪاٽيا پيا وڃن، جڏهن توهان طاقتور ايجنسي سان وڙهندا ته توهان جي اداري جون ڪمزوريون رڪاوٽ بڻجي وينديون آهن، تاريخي طور اسٽيبلشميٽ فوج کي استعمال ڪيو، ڪنهن به پارٽي ۾ جمهوريت ناهي،هن چيو ته هن وقت پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي خراج پيش ڪرڻ گهرجي،2008ع کانپوءِ هائبرڊٽي جوسلسلو وڌيو آهي،سياسي قوتن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اسان کي طاقتورن کان ئي اقتدار وٺڻو آهي،