لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي سڀ کان وڏي فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽ قائدِ اعظم ٽرافي جون نين تاريخون فائنل ٿي ويون.
ذريعن موجب، قائد اعظم ٽرافي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿيندي، ميگا ايونٽ جون ميچون لاهور، فيصل آباد، ملتان، راولپنڊي، ميرپور سميت نوَ شهرن ۾ کيڏيون وينديون.
قائدِ اعظم ٽرافي ۾ ڊيوڪ بال جو استعمال ٿيندو، گذريل ڪيئي ورهين کان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڪوڪابورا بال استعمال ڪيو ويندو هو.
ذريعن موجب، پريزيڊنٽ ڪپ جون ميچون شيڊيول موجب جنوري ۾ ٿينديون، ان کان اڳ ٽورنامينٽ 20 آڪٽوبر کان شروع ٿيڻي هئي.
Prev Post
You might also like