لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور سڱاوتي تڪرار تان ٻن عورتن کي قتل ڪيو ويو.
شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ايوب ڪالوني ۾ هٿياربند گهر ۾ گهڙي 60 ورهين جي پيرسن رحيمان زال بهرام کٽياڻ ۽ سندس 24 ورهين جي ڏوهٽي صدرا کٽياڻ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي زخمي عورتن کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻنهي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
مقتولا عورتن جي وارثن الزام هڻندي چيو ته ذوالفقار بليدي پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن سان گڏجي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري رحيمان ۽ صدرا کي قتل ڪيو، جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
You might also like