ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان 26هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي جو رجحان رهيو ۽ بئنچ مارڪ جي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 807 پوائنٽن جي واڌ ٿي.
پي ايس ايڪس ويب سائيٽ موجب ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 807 پوائنٽون وڌي 86 هزار 57 تي پهچي ويو، جيڪو گذريل ڏينهن 85 هزار 250 تي بند ٿيو هو.
ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد سهيل ٻڌايو ته 26هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ سياسي بي يقيني گهٽجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مارڪيٽ ۾ واڌ ٿي.
You might also like