واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست هيوسٽن ۾ هيلي ڪاپٽر ريڊيو ٽاور سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار سوڌو 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب هيوسٽن جي شهر ٽيڪساس ۾ آچر ڏينهن هڪ هيلي ڪاپٽر ريڊيو ٽاور سان ٽڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٻار سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
اختيارين ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ هيلي ڪاپٽر پرائيويٽ هو ۽ هيلي ڪاپٽر جي ٽڪرائجڻ سبب ريڊيو ٽاور ڪِري تباهه ٿي ويو.
Prev Post
Next Post
You might also like