ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فيفا عالمي ڪپ فاتح ارجنٽينا جي رانديگرن کي لياري اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
مراد علي شاهه سان ارجنٽينا جي سفير سيباسٽين سيوس ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ طئي ٿيو ته جلد ارجنٽينا جا سيڙپڪار سنڌ اچي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان ملاقاتون ڪندا.
ان موقعي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي رٿائن ۾ سيڙپڪاري منافعي بخش آهي.
کاري پاڻي کي ٽريٽ ڪرڻ واري رٿا لاءِ سنڌ سرڪار پنجاهه ملين ڊالرن جو ورلڊ بئنڪ وٽان بندوبست ڪيو آهي، نجي سيڙپڪار اچن تي سمنڊ جي پاڻي کي ٽريٽ ڪري شهر ۾ فراهم ڪري سگهجي ٿو.
ارجنٽينا جي سفير چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ڪمپنيون سنڌ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون، گودام قائم ڪرڻ لاءِ ارجنٽينا جا سيڙپڪار سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا.
ترجمان موجب، وڏي وزير سنڌ انرويسمينٽ ڊپارٽمينٽ، خوراڪ ۽ آبپاشي کاتي کي ارجنٽينا جي سفير سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وڏي وزير ارجنٽينا جي فٽبال رانديگرن کي لياري اچڻ جي دعوت ڏني.
ترجمان موجب، ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سيڙپڪاري سان گڏ سنڌ ۾ فٽبال ٽيم تيار ڪئي ويندي ۽ ارجنٽينا فٽبال ٽيم جا اهم رانديگر لياري ۾ تربيتي ميچون کيڏندا.
You might also like